جاڳو جاڳو ڪتاب

جاڳو جاڳو (ڪتاب): ٻارن لاءِ ڪـهاڻين جو هي ڪتاب، اردو ليکڪه ثاقبه الدين جو لکيل آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس ڪريم بخش خالد ڍڪايو آهي.’اڪادمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد‘ طرفان سال 1992ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. اڪادمي جي چيئرمئن غلام رباني آگري جي ’حرف سپاس‘ ۽ ليکڪا جي ’مهاڳ‘ کان علاوه هن ڪتاب ۾ جملي 15 ڪهاڻيون شامل آهن، ڪتاب جو ترجمو به عام فهم ۾ بامحاوره آهي. ڪتاب جي آخر ۾ مشهور اديبن پروفيسر مجتبيٰ حسين، ممتاز مفتي، احمد نديم قاسمي ۽ ڊاڪٽر وجده قريشي جا ليکڪا ۽ ڪتاب جي باري ۾ تاثرات آهن. 126 صفحن تي مشتمل، رنگين ۽ پڪي جلد واري هن ڊيمي سائيز ڪتاب جي قيمت 110 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو